شام 3

شام 3: سنڌ ۾ اها روايت آهي ته جڏهن ڪو به ماڻهو؛ مرد، عورت يا ٻار گذاري ويندو آهي ته سندس آخري سفر دوران ڪانڌين پاران احترام، عقيدت ۽ محبت جي اهڃاڻ طور ڪپڙو ڏنو ويندو آهي، جيڪو اجرڪ يا پوتيءَ جي شڪل ۾ هوندو آهي. مرد جي مرتيي تي اجرڪ ڏني ويندي آهي ۽ عورت جي مرتيي تي پوتي ڏني وڃي ٿي. فوتين لاءِ ڏنل انهيءَ سوکڙي کي ‘شام’ چئبو آهي. عام محاورو آهي ته “فلاڻي فوتيءَ تي هيتريون شامون” پيون. فوتي جيترو دلعزيز هوندو آهي، مٿس اوتريون گهڻيون شامون وڌيون وينديون آهن.


هن صفحي کي شيئر ڪريو